ٿرڪول منصوبي تي حفاظتي انتظام بهتر ڪريو، امٽياز شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ ٿر ڪول منصوبي تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو منصوبي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي صحت ، تحفظ ۽ حفاظت کي هر صورت ۾ يقيني بڻائين امتياز شيخ چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن جي به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. هن چتاءُ ڏيندي چيو ته ٿر ڪول فيلڊ تي حفاظت جا انتظام بهتر ڪيا وڃن ۽ هڪ هفتي اندر فول پروف نظام ٺاهيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي سستي ي ڪتاهي ٿي ته ذميوار ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙيون هدايتون سنڌ جي انرجي ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۾ ٿيندڙ هڪ زوم اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون ، جنهن ۾ ٿر ڪول منصوبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي آفيسرن ۽ توانائي واري کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي توانائي واري وزير اسلام ڪوٽ ٿر ۾ دودو ڀيل جي تازي قتل تي سخت ڪاوڙ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙا واقعا ٿر ڪول منصوبي تي منفي اثر ظاهر ڪري سگهن ٿا ، ٿر ڪول منصوبو پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ۽ سي پيڪ جو حصو هجڻ ڪري حساس منصوبو آهي  ۽ انهن منصوبن جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ۽ صحت ۽ حفاظت  مزدورن ۽ ڪم ڪندڙ سڀني ماڻهن جي بهتري کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت دودو ڀيل جي بي حس قتل جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ واقعي ۾ ملوث ڏوهاري سزا کان نه بچي سگهندا. اجلاس ۾ ٿر ڪول بلاڪ 1 ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن ، سائينو سنڌ ريسورس پرائيويٽ لميٽيڊ ۽ پاور جنريشن ڪمپنين سان گڏوگڏ سيڪريٽري انرجي سنڌ طارق علي شاهه ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي ، انهن کي تفصيلي بريفنگ ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو