ٿرپارڪر ۾ خودڪشين ۾ اضافو، روڪٿام لاءِ سيل قائم

مٺي(لیاقت نھڙیو) ٿرپارڪر ۾ خودڪشين جي واقعن ۾ اضافو ٿيوآھي جنهن جا مک ڪارڻ غربت، بي روزگاري، ننڍي عمر ۾ شاديون ۽ گهريلو مسئلا آهن. اهڙو اظهار گذريل پنجن سالن دوران پيش آيل خودڪشين جي واقعن بابت تفصيلي تحقيق بعد تيار ڪيل رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه ايس ايس پي ٿرپارڪر عبدالله احمد يار مٺي ٿاڻي تي مٺي پوليس ۽ سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام پاران خودڪشين جي واقعن جي روڪٿام ۽ سببن جي عنوان سان منعقد ڪيل سيمينار ۾ ڳالهائيندي ٻڌائي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻي خودڪشي جي فوري معلومات لاءِ هڪ سيل پڻ ٺاهيو ويو آھي. ان جو فوڪل پرسن به مقرر ڪيو آھي ۽ سول سوسائٽي،ميڊيا،پوليس ۽ ايڊمنسٽريشن جي ماڻھن تي مشتمل ڪاميٽي پڻ ٺاهي آھي جيڪي خودڪشي جو شڪار ٿيندڙ ماڻھن جي مدد ۽ ذھني علاج جو به بندوبست ڪندي ۽ آگاهي پڻ ڏيندي.هن وڌيڪ چيو ته اهڙا واقعا وڌي چڪا آھن ۽ ھلندڙ سال 38 جانيون ضايع تي چڪيون آهن. هن چيو ته پوليس خودڪشي جي واقعي تي مڪمل تحقيق ڪري رپورٽ درج ڪندي آهي ۽ ذھني مريض قرار ڏئي جلد رپورٽ داخل ناهي ڪئي ويندي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ڪاشف بجير چيو ته خودڪشي جي واقعي کي قتل سمجهي انهي جي تحقيق ڪئي وڃي ۽ سخت ڪاروائي سان ئي اهڙي عمل کي روڪي سگهجي ٿو حڪومت اهڙن واقعن جي وڌڻ تي نوٽيس وٺي. ان موقعي تي ليکڪ ڀارومل امراڻي،ايس ايڇ او مٺي عبدالستار سمون ۽ ٻين به پنهنجا ويچار ونڊيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو