ٿرجي ڀڙڀانگ ڀٽن تي ميلا مچڻ لڳا،اوباش نوجوانن جو آزار

چيلهار(ساجد نهڙيو) ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد چيلهار جي مشهور ترائي راڻاسر تي ميلو متل، ڪيترن ئي مقامي سياحن راڻاسر ترائي جو رخ ڪري ورتو، راڻاسر ترائي تي جتي سياح پنهنجي فيملن سان گڏ گمهڻ لاء اچن ٿا. هڪ پاسي ڀڙڀانگ ڀٽن تي ميلو متل آهي ته ٻئي پاسي ڪيترائي موالي توڙي اوباش نوجوان چيلهار پوليس جي سرپرستي ۾ شراب وپرائڻ سان گڏ شريف ماڻهن سان بدتميزي ڪن ٿا. ٻئي پاسي راڻاسر ترائي تي انتظام نه هئڻ سبب گمهڻ لاء ايندڙ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ٿو چيلهار ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين پرديپ مهراج ڪجھ ڏينهن اڳ راڻاسر ترائي تي سياحن جي لطف اندوز ٿيڻ لاء سڀ سهولتون ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو هو پر اڃان تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو