ٿاڻي ڀرسان گهر مان هٿياربندن هٿان نوجوان عورت اغوا

پيرجوڳوٺ (ن سنڌيار) هٿياربندن نوجوان ناري ڪائنات کي اغوا ڪري ويا، ناري جي والد ابراھيم مڱريو جو چوڻ آھي تھ ڪچي آبادي محلا ۾ وقار ڪانهر  سميت 5 کان وڌيڪ هٿياربندن گهر  تي حملو ڪيو ۽ نياڻي کي اغوا ڪري ويا. هن ٻڌايو ته پوليس ٿاڻو گهر جي ويجهو هجڻ  باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي نه  ڪئي آھي. هن چيو ته نياڻي جي حياتي کي خطرو آھي، ڌيءَ کي ھٿ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو