ٿاڻي جي ڇت جو چاپڙ ڪرڻ سبب ايس ايڇ او زخمي، اسپتال داخل

ڪنڌ ڪوٽ ( ن س) ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪچي جي گھوڙاگهاٽ ٿاڻي جي ڇت جو چاپڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڇت ھيٺان ويٺل ايس۔ايڇ ۔او گلزاراحمد ٻرڙو زخمي ٿي پيو. جنھن کي ترت طبي امدادلا۽ ڪنڌڪوٽ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. اسپتال انتظاميه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس۔ايڇ۔اومٿان چاپڙ ڪرڻ سبب مٿي تي زخم ٿي پيو آھي جيڪو خطري کان ٻاھرآھي. ٿاڻي جي عمارت ڪافي پراڻي آهي ۽ ان جي مرمت لاءِ ڪيتر ڀيرا اعليٰ آفيسرن کي ڇيو ويو پر ڪو مرمتي ڪم نه ٿيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو