ٿاڦيل حڪمرانن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، مگسي

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير) سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ٻن ڏينهن وارو ي 2 روزه ساليانه قومي ڪانگريس ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ شروع ٿي. ڄام عبدالفتاح سميجو ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ الطاف جسڪاڻي گلزار احمد سومرو هوت خان گاڏهي قادر چنا ڊاڪٽر سومار مڱريو ڊاڪٽر احمد نوناري سميت سڄي سنڌ مان وفد شريڪ ٿيا.قومي ڪانگريس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ انتهائي  ڏکي صورتحال مان گذري رهي آهي ملڪ مٿان ڪرپٽ ۽ سياسي طور نااهل ۽ نابالغ حڪومت عمران نيازي جي قيادت ۾ ٿاڦيل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي ۽ سياسي طور ناڪام بنائي ڇڏيو آهي ملڪ جو عوام بک بدحالي بيروزگاري جي ور چڙهيل آهي عوام روزگار ۽ ڪاروبار کان محروم آهي مهانگائي عوام کان ٻه وقت جي ماني کسي ورتي آهي ملڪ جو عوام مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي هن وڌيڪ چيو ته حڪمران خارجه پاليسي ۾ مڪمل ناڪام ويا آهن جنهن ڪري پاڙيسري ملڪن سان به تڪرارن جنم ورتو آهي هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ رهندڙ قومن جي وجود کان انڪاري آهي ۽ ملڪ کان مٿانهن  ون يونٽ مڙهيو ويو آهي هن چيو ته اهڙي صورتحال رهي ته ملڪ مضبوط ٿيڻ بجاء ڪمزور ٿيندو هن چيو ته سنڌ تي جاگيردارن جي حاڪميت آهي جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ معاشي تباهي جو سبب بڻيا آهن هن چيو ته ايس ٽي پي پنهنجي وجود کان وٺي سنڌ دشمن قوتن خلاف جدوجهد ڪندي رهي آهي اڄ به ايس ٽي پي  جدوجهد ۾ آهي. هن چيو ته ايس ٽي پي جا بهادر ڪارڪن پنهنجي مادر وطن سنڌ لاءِ جانين جا نذرانه ڏيڻ لاء تيار آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو