پ پ ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي پاڪستان ميڊيا ڊوالپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس 2021 کي رد ڪري ڇڏيو.پ پ جي نائب صدر شيري رحمان ميڊيا آرڊيننس بابت چيو ته حڪومت آرڊيننس جي ذريعي ميڊيا تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ميڊيا تي پابندي مذمت جوڳو عمل آهي. ان جي ڀرپور مخالفت ڪنداسين. هن چيو ته جرنلسٽ پروٽيڪشن بل پاس ٿيڻ کان پوءِ آرڊيننس جي تياري حڪومت جو ٻٽو معيار آهي جڏهن ته عالمي ادارن تي به ملڪ ۾ سينسر شپ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.پ پ اڳواڻ چيو ته رپورٽ موجب پاڪستان صحافين جي لاءِ دنيا جو 5 خطرناڪ ملڪ آهي ۽ فريڊم نيٽ ورڪ پاڪستان موجب هڪ سال ۾ صحافين تي 148 حملا ٿيا. هن چيو ته اسلام آباد ۾ صحافين جي خلاف سڀني کان وڌيڪ حملا ٿي رهيا آهن ۽ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 2 سالن ۾ 139 کان 145 نمبر تي اچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو