پ پ جا موجوده اڳواڻ ڀٽو جي نظريي تان هٽي ويا آهن؛ صفدر

ملير( درياخان شر ) ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ بينظير ڀٽو پارٽي کي زندهه رکيو شهيد راڻي جي وڇوڙي بعد پ پ جا موجوده اڳواڻ ڀٽو جي نظريي تان هٽي ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار صفدر عباسي پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرس جي ملير ۾ مرڪزي آفيس جو افتتاح ڪندي ڪيو. ھن چيو ته  شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي کي 11 سال گذري چڪا آهن پر ائين پيو لڳي ته هو اڄ به اسان سان گڏ آهي. اڄ پيپلز پارٽي جي سياست 8 ضلعن تائين محدود ٿي وئي آهي جيڪا انهن جي تباهيءَ جي نشاني آهي عوام هنن مان مايوس ٿي چڪو آهي. شهيد محترمه پنهنجي مشن تي ڪم ڪندي شهيد ٿي وئي پر پيپلز پارٽي وارا شهيدن جي مشن کي ڇڏي صرف ڪرپشن جي پويان لڳا پيا آهن. هن چيو ته عوام  چونڊيل نمائندن کي 10 سال  تائين موقعو ڏنو ته هو ايوانن ۾ وڃي سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪندا پر هنن اقتدار جا 10 سال عوام جي خدمت ڪرڻ بجاءِ ڪميشنون حاصل ڪرڻ توڙي پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا ڪيا هاڻي چونڊيل نمائندن کي عوام ڌڪاري ڇڏيو آهي ڪير به کين آجياڻو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي وقت ۾ عوامي نمائيندا پ پ جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پريشان هوندا هئا پر هاڻي پ پ جي ٽڪيٽ کي ڪا به اهميت نه ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته آءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو پيغام کڻي ساڳئي عوام وٽ آيو آهيان اوهان ھن ڀيري محترمه بينظير ڀٽو جي سچن پيروڪارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا. ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ عوام جا ڏک سور دور ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندس. ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻي ۾ مختلف ماڻهن پاران شموليت جو اعلان ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو