پ ٽ الف چونڊ ۾ سٺيو گروپ اڪثريت سان ڪامياب

ٽنڊو محمدخان (مظفر علي بروهي)پ ٽ الف جي اليڪشن ۾ حاجي شفيع سٺيو گروپ سوڀارو 145 يونٽن مان 80 يونٽن تي ڪاميابي ماڻي ورتي . ان موقعي تي ڪامياب ٿيل پينل جي اڳواڻ شفيع محمد سٺيو چيو ته اسان هميشه استادن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو آھي ۽ استاد پينل جي استادن جي اميدن تي پورو لھنداسين. ٻئي طرف ڪامياب استاد پينل خوشي ملهائي رهيا آهن ۽ مبارڪباد وصول ڪري رهيا آهن ۽ ووٽرن جو شڪريو ادا ڪيو , پيو وڃي. ***ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلوچ موجب پ.ٽ.الف

سنڌڙي پينل جي ڪامياب ٿيل تعلقي صدر  سيد منير احمد شاھ ۽ سٽي ڪنڌڪوٽ جي صدر  صدرالدين مرهٽو يڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان مٿان استادن اعتماد ڪري اسان سميت سڄي پينل کي ڪامياب ڪرايو آھي ۽ اسين ھميشا جيان تعلقي جي تعليم  جي سڌاري لاء جاکوڙ جاري رکڻ سان گڏو گڏ اسڪولن ۾ جيڪي بنيادي مسئلا آھن انھن جي حل لاء جاکوڙ ڪري سڀني اسڪولن ۾ بنيادي سھولتو ن مھيا ڪرائڻ جو عزم کڻي نڪرنداسون. ھنن چيو ته ڪجھ اسڪولن جا جيڪي ڪم رڪيل آھن تن لاء ڀي انظاميا  سان ڳالھائي اھي به مڪمل ڪرايا ويندا ھن چيو ته اسين سڀئي استاد ڀائر آھيون اليڪشن ھڪ راند آھي جيڪا تعليم کي ھٿي ڏيارڻ لاء رٿي ويندي آھي اسين ھميشا نفرت جي ٻج پوکڻ کان پاسيرو رھيا آھيون محبت واري فضا ھميشا قائم  رکڻ جا قائل آھيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو