پ ٽ الف جو اڳواڻ شفيع محمد سٺيو روڊ حادثي ۾ زخمي

ٽنڊومحمدخان (مظفر علي بروهي)آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن سنڌ جو اڳوڻو مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو پنهنجي ڳوٺ ڀليڊنو سٺيو کان موٽر سائيڪل تي ٽنڊومحمدخان شهر ڏانهن اچي رهيو هو ته ريڊ ڪيٽل فارم روڊ تي موٽر سائيڪل سلپ ٿي پئي جنهن جي نتيجي هو ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ٽنڊومحمدخان سول اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن موجب سندس ٽنگ جو هڏو سخت متاثر ٿي ويو آهي جڏهن ته کيس ڪراچي جي نجي اسپتال وڌيڪ علاج واسطي نيو ويو آهي هو ڏانهن حادثي جي اطلاع ملڻ تي ٽنڊومحمدخان سميت سنڌ جي مختلف علائقن جا استاد حاجي شفيع محمد سٺيو جي عيادت ڪرڻ لاء سول اسپتال وڏي انگ ۾ پهتا جڏهن ته ٻي پاسي پ ٽ الف مرڪزي اڳواڻن انتظار ڇلگري ، غلام رسول مهر ، سڪندر جتوئي ، رفيق جروار ، محمد موسى لغاري سميت مختلف اڳواڻن فون تي سندس خيريت دريافت ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو