پگهارون ڏيو، ميونسپل ملازمن جي احتجاج جو 16هون ڏينهن

گھوٽڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي)ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي ملازمن  طرفان سورنهن مهينن کان بند پيل پگهارون جاري ڪرائڻ جي لاءِ 19ڏينهن به پپل چوڪ اڳيان علامتي بک ھڙتال جو سلسلو جاري سگا گھوٽڪي  جي صدر آغا بلاول پٺاڻ مونسپل جي ملازمن سليم بوزدار ـ رستم ڪلوڙ شاھد لاکو مير محمد سومرو ـ جاويد ڪلھوڙـ زوھيب ملڪ احتجاج  ڪندي چيو ته   اسان کي پ پ دور ۾ سورنھن مھينن کان پگھارون  بند ڪري فاڪاڪشي واري زندگي تي مجبور ڪيو ويو آھي پ پ روزگار ڏيندي آھي پر ھتي ت روزگار کسيو ويو آھي  شھيد راڻي جي مزار اڳيان پگھارن جي بحالي لاء احتجاج ريڪارڊ ڪرايو تنھن ھوندي ب پ پ قيادت اسان تي رحم ن آيو پ پ دور ۾ اسان پوري سنڌ ۾ 13 ھزار کان مٿي مڪاني کاتي نوڪريون ڏنيون ويون ڪٿي ڪوب مسئلو ناھي صرف سياسي بنياد تي گھوٽڪي  جي 300 کان مٿي ملازمن جون پگھارون  بند ڪري فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي سگا گھوٽڪي جي صدر آغا بلاول پٺاڻ احتجاجي ڪئمپ تي پھچي ملازمن سان يڪجھتي جو اظھار ڪندي چيو ته مسڪين ملازمن جون پگھارون  جاري ڪري ھنن کي فاڪشي کان بچايو وڃي  احتجاج ڪندڙن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري   وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ گهوٽڪي ضلعي مان چونڊيل عوامي نمائندن کي اپيل ڪئي ته سورنهن مهينن کان بند پيل پگهارون جاري ڪرائي ٽي سئو کان وڌيڪ خاندانن جي فردن مان بيچيني ختم ڪرائي وڃي ٻچڙن کي بک بدحالي مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي_ احتجاج ڪندڙن چيو ته  مسلسل احتجاج باوجود اسان وٽ ڪوب جونڊيل نمائيندو ناھي پھتو  جيستائين اسان جون پگھارون  جاري نه  ٿينديون احتجاج جاري رھندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو