پگهارون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرن جو احتجاج

نوابشاهه (ڊ ر)پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاھ ۾ اڍائي سؤ کان مٿي ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻيون پگھارون نه ملڻ خلاف ايم ايس آفيس ٻاھران سراپا احتجاج بڻيل آهن جڏھڻ ته ڊاڪٽرياڻين ايم ايس آفيس ٻاھران احتجاج دوران ايم ايس آفيس جو گهيراءُ ڪري  ايم ايس آفيس ۾ داخل ٿيندي سخت نعريبازي ڪئي. ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين جو احتجاج ختم نه ٿيو ايم ايس آفيس جي دروازي تي ڊاڪٽرياڻيون بيھي رھيون اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي ان موقعي ڊاڪٽر دعا ڌاريجو ڊاڪٽر  پوجا ۽ ڊاڪٽر الويرا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 8 مھينن کان پگھارون ناھن مليون رسڪ الائونسس ناھي  ڏنو ويو جان کي خطرو آهي ڪورونا وائرس جھڙي خطرناڪ صورتحال کي منھن ڏئي رھيا آھيون  جيسيتائين پگھار نه ملندي تيسيتائين ڪم نه ڪندا سين ، اسين صوبائي وزير صحت ، سيڪٽري ھيلٿ ۽ ٻين. وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جون فوري طور تي پگھارون رليز ڪيون وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ اسان احتجاجي مظاھرو ڪري مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال تي ويھي رھنداسين. ٻئي پاسي ايم ايس، پي ايم سي اسپتال ڊاڪٽر آصف علي رضا بروھي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 185 ھائوس جاب ڪندڙ جون پگھارون منظور ٿيل آھن باقي 60 ڊاڪٽرياڻين جي پگھار اچي ئي ڪونه ٿي ڊاڪٽرياڻين جو احتجاج حق تي آهي ٻئي پاسي ينگ ڊاڪٽرز جي اڳواڻن ايم ايس آفيس پهچي ايم ايس اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرايو پگھارون سڀني کي نه ڏنيون ويون ته احتجاج ختم نه ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو