پڙهائي جو عالمي ڏينهن، ٻارن جي داخلا وڌائڻ تي زور

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪاپور ۾ ليگل رائيٽس فورم پاران پڙهائي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ۽ تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن جي نگراني اياز سومرو ڪوآرڊينيٽر ليگل رائيٽس فورم ڪئي جڏھن ته پروگرام کي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ سوشل ويلفيئرڊپارٽمينٽ جو سهڪار حاصل ھو، پروگرام ۾ ڊي اي او پرائمري ميڊم آفتاب ڪوثر ۽ عرفان الله ميمڻ ڊائريڪٽر ايس ڊبليو ڊي، مظفر ھڪڙو اي ڊي اي او سيڪنڊري، شفيق الله صديقي ڊسٽرڪٽ چائيلڊ پروٽيڪشن آفيسر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ سميت سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، سول سوسائٽي، آرگنائيزيشن ۽ تعليم کاتي جي ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن ٻارن جي تعليم ۽ داخلا کي وڌائڻ تي مختلف تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا، جڏھن ته پروگرام جي آخر ۾ ٻارن کي انعام پڻ ڏنا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو