پڊعيدن کي تعلقو ٺاهڻ لاءِ ايڪشن ڪاميٽي قائم

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ جي لاء شھر جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي نمائندن تي مشتمل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. جيڪا تحريڪ هلائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙيندي. اهڙو اعلان پريس ڪانفرنس دوران ڪيو ويو. اڳواڻن ان موقعي تي چيو ته 1994کان اسان جي ڪوشش آهي ته پڊعيدن کي تعلقي جو درجو  ڏنو وڃي هنن چيو ته  واحد پڊعيدن ٽائون آھي جيڪو نوشھروفيروز ۾ وڏي ۾ وڏي ٽائون آھي جنهن ۾ ڏھ وارڊ آھن ان جي باوجو پڊعيدن جي عوام سان ناانصافي ڪئي ٿي وڃي. هنن ٻڌيو ته اڄ کان ڏھ سال اڳ اڳوڻي سي ايم سيد قائم علي شاه واعدو ڪيو ان کان پوء موجوده سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاه پڊعيدن جي عوام سان واعدو ڪيو ته پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو پر هنن جا واعدا واعدا ئي رهجي ويا هن محل تائين رڳو ڏٽا ۽ آسرا ٿا ڏنا وڃن هنن چيوته اسان وري به سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي. هنن چيو ته اڄ اسان شھرين گڏجي هڪ ايڪشن ڪاميٽي ٺاهي آھي جنهن ۾ ڪاميٽي جو چيئرمين پير رڪن الدين هاشمي کي چونڊيو ويو ۽ ٻين ميمبرن جي لسٽ ۾ شبير حسين آرائين ايڊووڪيٽ اختر ڀريجو راشد راڄپر رانا آفتاب رانا باقر رانا راشد طالب لاشاري  افتخار شر اختر آريجو ڊاڪٽر طالب راڄپر غلام مصطفي شر ساجد حسين ملڪ رانا اقبال  رانا نثار اياز انصاري مرتضا راڄپر امتياز راڄپر محمد علي راڄپر حضور بخش راڄپر ۽ پڊعيدن جي صحافين سينيئر صحافي آزاد ابراهيم راڄپر  غلام حيدر آڪاش ساجد علي جويو   کي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو آھي. هي ڪميٽي پڊعيدن کي تعلقو ٺاهڻ لاءِ جدوجهد جي حڪمت عملي طئي ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو