پڊعيدن واسي جو ڏهرڪي ۾ ڪمند مان لاش هٿ

اوٻاوڙو)اسد علي گهنڃو) ڏهرڪي ڀرسان ڪمند جي فصل مان پڊعيدن واسي 40 سالن جي همراه جو  پراڻو لاش هٿ آيو آهي. باگو ڀٽو وٽ ڪمند جي فصل ۾ بدبوءِ ڪري ويل پراڻو لاش ڏسي ڪمند جي فصل تي بيٺل هارين پوليس کي اطلاع ڪيو,ڏهرڪي پوليس لاش کڻائي اسپتال پهتي, پوليس جو چوڻ آھي ته  لاش جي سڃاڻپ پڊعيدن واسي اشفاق منگي ولد محمد شفيع منگي طور ٿي آھي ۽ وارثن سان رابطو به ڪيو آھي پوليس موجب  همراهه نشي جو عادي هيو لاش ڀرسان هيروئن جي پڙين جا ڪاغذ مليا آھن,لاش ٻن کان ٽي ڏينهن پراڻو لڳي رهيو آھي ۽ لاش ڳرڻ شروع ٿي ويو آھي ,وارثن جي اچڻ تائين لاش کي ڏهرڪي جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو