پڇڙي جا فصل سڪڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون ) سلطاني واھ، نصير واھ ۽ ڏاڏاھ شاخ جي پوڇڙ  ۾ پاڻي جي مبينا هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ فضل خاصخيلي جي رهواسين هنن آبادگار اڳواڻن سيف الله جروار، اسلم ميمڻ، سليم آرائين، سارنگ خاصخيلي، لکي محمد جروار جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو ۔ جھڏو روڊ تي آرائين ريگيوليٽر وٽ ديويون وڍي انهن جون ٽاريون رکي مظاھرو ڪندي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو . جنھن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون ٽي ڪلاڪ تائين لڳل ڌرڻي ۽ روڊ بند هجڻ ڪري مسافر جن ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون به شامل هيون کي سخت گرمي ۽ اس ۾ شديد پريشان ٿيا. مظاهرين کي خطاب ڪندي ڄاڻايل اڳواڻن چيوته ڄاڻايل واهن ۽ شاخ جي پوڇڙ ۾ گذريل ڪافي عرصي کان پاڻي جي مبينا شديد هٿرادو کوٽ جي ڪري پوکيل ساريال، ڦٽي ۽ مرچن جو فصل سڪي، سڙي تباھ ٿي رهيو آھي. جنهن ڪري آبادگارن جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آھي، پاڻي نه هجڻ ڪري ڄاڻايل واهن ۽شاخ تي آباد ڳوٺاڻا ۽مال پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء تڙپي رهيا آھن ۔ هنن وزيراعلي سنڌ،محتسب اعلي سنڌ سميت وس وارن کان پر زور مطالبو ڪيو آھي ته کين فوري طور تي پاڻي فراهم ڪري ٻچن ۽ مال کي اڃ مرڻ ۽ وڌيڪ فصل سڪڻ ۽ تباھ ٿيڻ کان بچائي انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو