پُٽ کي دماغ ۾ رسولي آهي، علاج لاءِ مالي سهائتا ڪيو؛ پورهيت

ڊگهڙي (سيد بشير شاھ) ڳوٺ ميراعجاز ٽالپر جي رهواسي پورهيت گلزار احمد سولنگي جو 8 سالن جي معصوم پٽ دلاور سولنگي کي ڊاڪٽرن دماغ ۾ رسولي ٻڌائي آھي. معصوم ٻالڪ جا والدين غربت سبب علاج ڪرائڻ جي سگھ نٿا رکن. انهي حوالي سان پورهيت گلزار سولنگي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته آئون ڪاٺيون وڍي وڪرو ڪري گهر جو سفر گذر ڪندو آھيان منهنجي معصوم پٽ دلاور کي پنج مهينا اڳ اوچتو دماغي چڪر اچڻ شروع ٿيا غربت باوجود علاج ڪرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي مگر بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري معصوم پٽ ھلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آھي ۽ سندس نظر پڻ ڪمزور ٿي چڪي آھي ۽ بيهوشي واري حالت ۾ بيماري جي بستري تي پيل آھي. آخرڪار حيدرآباد لال بتي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن دماغ جو آپريشن ڪري رسولي ڪڍڻ جي تياري ڪرائي ۽ آپريشن شروع ٿيڻ کان ڪجھ ڪلاڪ اڳ بيهوشي واري ڊاڪٽر بيھوش ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اسانکي ڪنهن خانڳي اسپتال مان آپريشن ڪرائڻ جو مشورو ڏنائون جنهن تي 4 لک روپيا خرچ ٻڌايو اٿن. آئون مسڪين پورهيت ماڻهو آھيان مون وٽ ايترا پئسا ناهن جو سندس آپريشن ڪرائي سگهان معصوم پٽ جي اهڙي حالت ڏسي اسانجو هر ساھ تڪليف ۾ گذري ٿو. هن وزير اعليٰ سنڌ، وزير صحت ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس معصوم پٽ جو سرڪاري خرچ تي آپريشن ڪرائي حياتي بچائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو