پي ڊي ايم ۾ ڪي به اختلاف ناهن،مريم نواز

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو ) پيپلز پارٽي هاڻي پي ڊي ايم جو حصو ناهي رهي منهنجي خيال ۾ پ پ جي مامري تي ڳالهائڻ نه گهرجي، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾ ڪي به اختلاف ناهن، اتحاد ۾ شامل پارٽيز جو نظريو هڪ ئي آهي، جيڪو نواز شريف جو موقف آهي، پي ڊي ايم جي پارٽيز جو اُهو ئي موقف آهي، ملڪ ۾ ادارن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، بشير ميمڻ جو بيان شاهدي طور موجود آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عالمي ميڊيا تي پتو پيو ته حڪومت فضائي اڏا امريڪا کي ڏئي ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو