پي ڊي ايم ڪارڪنن گريٽر اقبال پارڪ گيٽ جا تالا ٽوڙي ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي جلسي جون تياريون زور شور سان جاري آهن.مسلم ليگ(ن) جي ڪارڪنن گريٽر اقبال پارڪ جي 5 نمبر گيٽ جا تالا ٽوڙي ڇڏيا آهن. مينار پاڪستان جي گرائونڊ ۾ پي ڊي ايم جي جلسي لاءِ استيج لڳائڻ جو عمل جاري آهي. مسلم ليگ(ن) جي ڪارڪنن گريٽر اقبال پارڪ جي 5 نمبر گيٽ جا تالا ٽوڙي ڇڏيا. ليگي ڪارڪن اسٽيج ٺاهڻ جو سامان کڻي پارڪ ۾ داخل ٿي ويا. ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته 13 ڊسمبر جي جلسي جو اثر حڪومتي حلقن ۾ اچڻ شروع ٿي ويو آهي.هن چيو ته کاڌو مريم نواز کاڌو پر بدهضمي حڪومت کي ٿي وئي آهي. جلسو هر صورت ۾ ٿيندو. اوهان جي مرضي آهي ڪيترا به ڪيس داخل ڪريو اسان جا ڪارڪن ڊڄڻ وارا ناهن. ليگي اڳواڻ مريم اورنگزيب شهباز شريف سان ملاقات جي لاءِ احتساب عدالت پهتي. احتساب عدالت ۾ صحافين سان ڳالهين دوران هن جو چوڻ هو ته عوام جي طاقت سان حڪومت کي ووٽ جي عزت جو جواب ڏينداسين.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب حڪومت صوبائي انٽيليجنس ڪميٽي جي منظوري کان پوءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) کي لاهور ۾ 13 ڊسمبر تي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. پي ڊي ايم جلسي جي حوالي سان صوبائي انٽيليجنس ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ مينار پاڪستان ۾ 13 ڊسمبر بابت ٿريٽ الرٽس جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وئي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سببا پوزيشن کي لاهور ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني ويندي. صوبائي انٽيليجنس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جلسو ڪرڻ تي پي ڊي ايم جي سمورن اڳواڻن جي خلاف ڪيس داخل ٿيندا. جڏهن ته مينار پاڪستان ڏانهن ويندڙ رستا بند نه ڪيا ويندا. ان کان علاوه اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  جيڪڏهن تمام گهڻو ضروري ٿيو ته صرف ٻن هنڌن تي ڪنٽينر بيهاري سگهون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو