پي ڊي ايم جي ڪراچي جلسي جا انتظام مڪمل، اسٽيج تيار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ڊي ايم پاران اڄ ڪراچي ۾ جلسي جا ناتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. باغ جناح ۾ 25 فٽ اونچو ۽ 75 فٽ ويڪرو اسٽيج تيار آهي، هزارين ڪرسيون به لڳايون ويون آهن. سيڪورٽي جه به سخت انتظام ڪيا ويا آهن. گذريل ڏينهن پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي مولانا فصل الرحمان چيو هو ته پي ڊي ايم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي رد ڪري ٿي ڇو ته اسين سمجهون ٿا ته هي ووٽن تي ڌارو هوندو.  پي ڊي ايم وفاقي ادارن مان سنڌ سان تعلق رکندڙ ملازمن کي برطرف ڪرڻ جي مذمت ڪندي ملازمن جي قانوني مدد جو پڻ اعلان ڪيو. مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيل پي ڊي ايم جي مرڪزي اجلاس ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته اڄوڪو جلسو تاريخي ٿيندو، جنهن ۾ سنڌ جي حقن جي به ڳالهه ٿيندي، پي ڊي ايم وڪيلن جي تحريڪ ۾ به ڀرپور شرڪت ڪندي، اجلاس ۾ شهباز شريف سميت سموري مرڪزي قيادت شريڪ ٿي، جڏهن ته نواز شريف ۽ مريم نواز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي پي ڊي ايم مولانا فضل الرحمان حڪومتي ڪارڪردگي جو ڪچو چٺو جاري ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي اسان جي پٺي ۾ خنجر هنيو، پي ڊي ايم ٿڌو ناهي ٿيو ، حڪومت خلاف تحريڪ هلائينداسين. هن چيو ته هي حڪومت ڌانڌلي جي پيداوار آهي. چونڊ سڌارن جو انهن کي ڪو حق ڪونهي. پوري دنيا اليڪٽرانڪ مشين ذريعي چونڊن کي رد ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن به اعتراض ڪيو آهي، اهو اليڪشن چوري ڪرڻ جو منصوبو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي، ڪراچي ۽ زيارت ۾ ڌماڪا ٿيا آهن، پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ شهيدن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي. هن چيو ته پي ڊي ايم اجلاس ۾ ميڊيا بابت اٿارٽي ٺاهڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪندي ميڊيا جي احتجاج کي جائز قرار ڏنو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته ميڊيا جو احتجاج سان گڏ پارليامينٽ ۾ ساٿ ڏينداسين. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا آهي. اهو ڪارو قانون تسليم نه ڪنداسين. هن چيو ته پي ڊي ايم وڪيلن جي احتجاج جي به حمايت ڪري ٿو،سندن ساٿ ڏينداسين. آزاد عدليه لاءِ وڪيلن جي جدوجهد ۾ گڏ هونداسين. سنڌ مان ملازم برطرف ڪرڻ بابت ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته تازو عدالتي فيصلي جي اوٽ ۾ 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي، هر ملازم جي پويان پنج ست گهر ڀاتي هوندا آهن، اسين متاثرن جي قانوني مدد ڪنداسين. هن چيو ته پي ڊي ايم ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي کي برداشت نه ٿيڻ جوڳو قرار ڏئي ٿو، هن چيو ته ماڻهن کان ٻارن جي بک برداشت نه ٿي رهي آهي، اسان غريب قوم جو آواز بڻجي ميدان ۾ لهنداسين. ملڪ جي نوجوانن جي روشن مستقبل لاءِ ڪوششون ڪنداسين. هن چيو ته پي ڊي ايم ملڪ ۾ جلسن جو ڄار وڇائڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. عوام روڊن تي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، سيپٽمبر جي پهرئين هفتي ۾ اجلاس ڪوٺائي شيڊيول جاري ڪنداسين ، حڪومت جي ٽن سالن واري ڪارڪردگي جو اڇو چٺو جاري ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ اڄوڪو جلسو تاريخي هوندو. اسان جي جلسي ۾ عورتون به شرڪت ڪنديون، انهن جي شرڪت نه ڪرڻ وارو تاثر غلط آهي. هڪ سوال تي فضل الرحمان چيو ته پ پ جي ڳالهه نه ڪريو ته بهتر ٿيندو. پيپلزپارٽي پي ڊي ايم جي ڪک ۾ خنجر هنيو آهي. اسين سنڌ جي مسئلن کي به اجاڳر ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ فضل الرحمان چيو ته اسين ٿڌا ناهيون ٿيا، سخت گرمين ۽ رمضان ڪري جلسا نه پي ڪيا، هاڻي هڪ مڪمل شيڊيول ڏينداسين، جنهن تي عمل ٿيندو، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي لاءِ قوم متحرڪ آهي، اڄوڪي جلسي ۾ پي ڊي ايم پنهنجي بنيادي منشور کي آڏو رکندي قوم کي پنهنجو پيغام ڏيندو، شهباز شريف هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ بوزدار حڪومت ڪيرائڻ ۾ پي ڊي ايم پاران پ پ جو ساٿ نه ڏيڻ وارو تاثر غلط آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو