عمران، ڪشمير نه پر ڪلڀوشن جو وڪيل آهي، بلاول

ڪارڪن بجا تير بجا جي نغمن تي رقص جاري آهي.ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بهتري جي ضمانت 1973 جو آئين آهي، رياست جي ذميواري عوام کي سهولت ڏيڻ آهي پر اهو واعدو هن حڪومت ٽوڙيو آهي، اڄ غريب مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، هاءِ ويز تي اسانجي ڀيڻن جي جون عزتون لٽجن ٿيون، وزيراعظم کي ڪشمير جي وزيراعظم تي غداري جي پرچي جي خبر ميڊيا تان ملي ٿي، مخالفن لاءِ نيب جو انڌو قانون آهي، پر پنهنجي دوستن خلاف ڪجهه نٿو ڪري، سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آهي 300 ارب سنڌ کي نه ڏنا، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، عمران خان ڪراچي کي انڌيري ۾ ڌڪڻ واري ڪي اليڪٽرڪ ۾ پونهنجي دوست کي بچائڻ چاهي ٿو، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ته پري جي ڳالهه پر لڙي نه آيو، بلاول چيو ته هوش ڪريو سنڌ جي ٻيٽن بابت آرڊيننس واپس ڪريو، اربع تائين آرڊيننس واپس نه ٿيا ته سينيٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، هي ٻيٽ سنڌ ۽ بلوچستان جا آهن ڪنهن جي پيءُ جا ناهن. هي ڪشمير نه پر ڪلڀوشن جو وڪيل آهي. هن چيو ته اسانجي آواز کي رياست ۾ لاپته ڪيو ٿو وڃي.هي عوام جي ووٽ نه پر ڪنهن ٻئي جي ڪري آيو آهي، هي آئين کي نٿو مڃي، پارليمان کي نٿو مڃي، هن کي عوام جي بک نظر نٿي اچي، هي پاڻ کي جمهوريت ٿو چوي، هي ڪٺ پتلي وزيراعظم ۽ سندس سهولت ڪارن کي ياد ڪرڻ گهرجي ته تاريخ جو ڪو به آمر خلق خدا سامهون نه ٽڪي سگهيو آهي.اسين جمهوريت جو دفاع پنهنجي خون سان ڪيو آهي. اسين جمهوريت خاطر اختلاف وساري ملڪي بقا ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، مشرف جي آمريت ۾ نواز شريف ۽ محترمه چارٽر آف ڊيموڪريسي ڪيو. هن چيو ته اسانجي جدوجهد عوامي حڪمران لاءِ آهي، قانون جي حڪمراني لاءِ آهي، هي لڙائي، پارليمان ۾ به وڙهنداسين، سڙڪن تي به وڙهنداسين، ڪنهن ڪنهن کي جيل ۾ وجهندا، ڇا ڪڏهن عوام جيل ۾ پيو آهي، ميڊيا تي پابندي، ٽڪ ٽوڪ تي به پابندي پر بکايل ٻار جي روئڻ تي ڪيئن پابندي لڳائيندا، جبر ۽ ظلم وارا نٿا بيهي سگهن، ڇا هي سمجهن ٿا ته اسين تنهنجي ڌمڪين کان ڊڄي وينداسين تنهجي ڇا اوقات آهي؟ شهيد ناصر بلوچ ضيا جي ڦاسي گهاٽ جو مقابلو ڪيو ۽ چيو ته خاموشي ڇو آهي، هن نعرا هنيا ته جيئي جيئي ڀٽو، ڇا شهيد اياز سمون جو جواب ڏيندا ته جنهن ڀٽو جيان ڦاسي قبول ڪئي؟ بلاول چيو ته گرفتار ڪرڻ چاهيو ٿا ته شوق پورو ڪريو، عورتن جي گرفتاري نه ڏينداسين؟ هي عوام اوهانکي نه ڇڏيندو. هي جنگ انهن جي آهي جن ڪڏهن غلامي قبول نه ڪئي آهي. هي تحريڪ آئين جي حق حڪمراني جي آهي، هي تحريڪ هر ماڻهو کي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان ڏيڻ لاءِ آهي، توکي وڃڻو پوندو ۽ وڃڻو پوندو.سعيد غني موجب ڪراچي جلسي لاءِ 20 فٽ اونچو، 60 فٽ ويڪري ۽ 180 فٽ ڊگهي اسٽيج تيار ڪئي وئي آهي. اسٽيج جي مختلف پاسن کان ڪنٽينر رکيا ويا آهن، موونگ ڪيمرا لڳل آهن جن تي اعليٰ پوليس آفيسر هر وقت مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن.

PDM Leaders in Karachi, Photo Twitter

محمود خان اچڪزئي، سردار اختر مينگل ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جي مقامي قيادت جلسي گاهه پهچي چڪي آهي. بلاول هائوس تي مولانا فضل الرحمان، بلاول ۽ مريم نواز وچ ۾ ملاقات ۾ ميان نواز شريف جي ويڊيو لنڪ تي خطاب بابت مشاورت جاري آهي. ذريعن موجب زرداري جو موقف آهي ته خطاب ڀلي ڪري پر فوجي عملدارن جا نالا نه کڻي. ڪراچي جي باغ جناح گرائونڊ تي پيپلز پارٽي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ جلسي جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن ۽ جلسي گاهه ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن کان قافلن جي آمد جاري آهي. جلسي کي مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ۽ ٻيا خطاب ڪندا، جلسي گاهه ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ڪُرسيون لڳايون ويون آهن،

Moulana Fazal Rehman waves, Photo Twitter

بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ چيو ته پاڪستان ۾ سڀني قوميتن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻا پوندا. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ عدليا ۽ ميڊيا قيد آهن، بلوچستان جي حالت خراب آحي. مولانا ساجد مير چيو ته اسانجو مطالبو سادو آهي ته جيڪو ڪجهه آئين ۾ لکيل آهي ان تي عمل ڪلريو هر اداري پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري، سياست ۾ فوج جي مداخلت نه هئڻ گهرجي.

PDM Jalsa Karachi, Photo Twitter

عورتن لاءِ ڌار انٽري پوائنٽس مقرر ڪيون ويون آهن، جلسي جي سيڪيورٽي لاءِ 4 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ٿيل آهن، ڪراچي ۾ جلسي جي موقعي تي شهرين لاءِ ٽريفڪ پلان جاري، شهرين کي جمشيد روڊ ۽ تين هٽي کان نمائش وڃڻ جي اجازت نه هوندي، ٽريفڪ پلان تحت شهري گرو مندر کان سولجر بازار ۽ جمشيد روڊ کان جيل فلاءِ اوور، نيو ٽائون ۽ طارق روڊ وارو روٽ استعمال ڪري سگهندا. ي

Women participation in PDM Karachi Rally, Photo Twitter

اد رهي ته پيپلز پارٽي هر سال 18 آجٽوبر تي ڪارساز جي شهيدن جي ياد ۾ جلسو ڪندي آهي هن سال سمورين جماعتن جي گڏيل جلسي سبب وينيو تبديل ڪيو ويو آهي.اڄ کان 13 سال اڳ يعني 2007 ۾ شهيد بينظير ڀٽو 8 سالن جي جلاوطني ختم ڪري پرڏيهه مان واپسي تي جڏهن سندس استقبالي جلوس شاهراهه فيصل تي ڪارساز وٽ پهتو هو ته سندس قافلي مٿان ٿيل خوفناڪ حملي ۾ 177 کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ۽ 600 ڄڻا زخمي ٿيا هئا. سندس آجيان لاءِ لکين ماڻهن جو سمنڊ اُٿلي پيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو