پي پي ڪرپشن بعد هاڻي قبضن تي به لهي پئي آهي، شاهه

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)شھر ۾ پ پ پ وارن ڪرپشن  ۾ ته رڪارڊ قائم ڪيو آهي مگر ھاڻي وري ڪرپشن کان علاوہ شھرن تي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري ورتا آهن ميونسپل جي فائر برگيڊ جي گاڏي جي جڳھ تي قبضو ماتلي پراڻي اسٽاف تي قبضو ڪيو آهي. اھڙو اظھار ورلڊ سادات عوامي اتحاد جي سرواڻ  ۽ پ ٽ آ ء جي مرڪزي اڳواڻ سيد ذوالفقار علي شاھ سادات ھائوس سيد پور ٽڪر م صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ھن چيو ته ظلم جي حد ٿي وئي آهي جو شھر جي ڊينيج سسٽم جي کڏ سون پاري جنھن م سمورو نيڪال وڃي ٿو جنھن کي بلڊر مافيا جي حوالي ڪيو ويو آهي جنھن سان شھر ٻڏي تباھ ٿي ويندو مگر ھنن کي شھر واسين تي ڪو بہ رحم نه ٿو پوي آئون چيف جسٽس سپريم ڪورٽ پاڪستان چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ کي اپيل ٿو ڪريان ته ٽنڊو محمد خان شھر م ٿيل سرڪاري زمينن جي انڪوائري ڪرائي  ملوث ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو