پي پي قيادت خلاف جيالن جي شهيد راڻي جي قبر کي دانهن

مدئجي(ن س) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي چونڊ تڪ ڳڙهي ياسين اندر پ پ جي مقامي اڳواڻن وچ ۾ اختلاف وڌي ويا،ان سلسلي ۾ پراڻن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران اڳوڻي تعلقي صدر عبدالحفيظ پيرزادو،بشير سومرو،عبدالحميد ميمڻ،نظام سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مدئجي باءِ پاس سکر لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران مظاهرين سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا،ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن کان وٺي پ پ تعلقي ڳڙهي ياسين جو صدر غلام مصطفيٰ منگي روپوش ٿي ويو آهي جڏهن ته تعلقي ڳڙهي ياسين جي  جنرل سيڪريٽري جاويد دراني پارٽي ورڪرن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي،جنهن ڪري تعلقي اندر پ پ جي مقامي عهديدارن جي ناجائزين سبب پارٽي ورڪر پارٽي کان پاسيرا ٿي ويا آهن ۽ ڪافي وقت کان وٺي تعلقي اندر پارٽي غيرفعال بڻجي وئي آهي، هنن وڌيڪ چيوته اسان ايم آر ڊي واري سخت دور ۾ به پ پ سان سلهاڙيل هئاسين اسان کان پارٽي جو غير فعال هجڻ برداشت نٿو ٿئي ان لاءِ روڊن تي نڪري آيا آهيون،هنن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني،پ پ لاڙڪاڻو جي ڊويزنل صدر،ضلعي شڪارپور جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کان مطالبو ڪندي چيوته بنا دير تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ پارٽي بحران جو نوٽيس وٺي نئين سر باڊي چونڊي وڃي جيئن ڪارڪنن ۽ جيالن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي،بعد ۾ مظاهرو ڪندڙ سينيئر اڳواڻ ريلي جي صورت ۾ شهيد راڻي بينظيرڀٽو جي مزار تي حاضري لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو روانا ٿي ويا ۽ چيو ته هو قبر تي دانهيندا ته شهيدن جي پارٽي تباهه ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو