پي پي عذير کي پرچائڻ لاءِ 5 ڪروڙ ڏنا، حبيب بلوچ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير علي زيدي لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ جي ويجهي ساٿي حبيب جان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي آهي. حبيب جان عذير جو سياسي چهرو به سجهو ويندو آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل ويڊيو ۾ عزير بلوچ جو ساٿي حبيب جان هڪ انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو ته 2012ع ۾ لياري آپريشن کانپوءِ پيپلزپارٽي عزير بلوچ سان ٻيهر رابطو ڪيو ۽ ناراض عزير بلوچ کي راضي ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي هن کي 5 ڪروڙو رپيا ڏنا. حبيب جان ٻڌائي ٿو ته لياري آپريشن کانپوءِ عذير بلوچ ٻيهر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ هن جي دعوت ۾ اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، فريال ٽالپر ۽ شرميلا فاروقي شريڪ ٿيا هئا. حبيب جان انٽرويو ۾ وڌيڪ چئي ٿو ته سندس آفيس تي ٿيل حملي ۾ هن جو ڀاءُ شهيد ٿيو، چوڌري اسلم، پيپلزپارٽي ۽ رحمان ملڪ سمورن مسلن جو کيس ذميوار سمجهندا هئا. عزير بلوچ طرفان پوليس آفيسرن جي بدلي واري سوال تي حبيب جان جو چوڻ هو ته هڪ گروپ پوري ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ تائين بدلي ڪندو هو. حبيب جان ٻڌايو ته آصف علي زرداري عزير بلوچ سان ملاقات ڪئي جيڪا اهم هئي، عزير بلوچ مون کي فون ڪري ٻڌايو ته آصف زرداري مون سان ملڻ چاهي ٿو ۽ قادر پٽيل سان گڏ وڃڻو آهي. حبيب جان موجب آصف زرداري جي خواهش هئي ته سندس ويڳو ڀاءُ مظفر ٽپي لياري مان چونڊ وڙهي، مظفر ٽپي 50 گاڏين جي اسڪواڊ سان گڏ لياري پهتو، جنهن سان جهيڙي جو بنياد شروع ٿيو. حبيب جان جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي عذير بلوچ سان ملاقات ٿي ان وقت قادر پٽيل به موجود هو، جڏهن حڪومت خطري ۾ آئي ته عذير بلوچ جا پيپلز پارٽي سان واسطا ختم ٿي ويا. وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سموري دنيا ۾ وائکي ٿي وئي آهي، پ پ ڳالهه ته عوامي طاقت جي ڪري ٿي پر معاملا ڏوهارين جي زور تي هلايا.

پهنجو تبصرو موڪليو