پي پي سنڌ جي عوام کي ايڊز ۽ گٽر جو پاڻي ڏنو، پليجو

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پيپلزپارٽي کي سنڌ جي ماڻهن ووٽ ڏئي اقتدار اعلي تائين پھچايو ان جي بدلي ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کي ايڊز، ھيپاٽائيٽس، پيئڻ لاءِ گٽرن وارو پاڻي، بک بدحالي، بيروزگاري، لاقانونيت، بدامني ۽ لاشن کانسواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ.پ.پ پنهنجي موجوده دور حڪومت ۾ سنڌي عوام کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪا بہ قصر نہ ڇڏي آهي۔ وزيرن، مشيرن رڳو ڪرپشن ڪري پنھنجا گھر ڀريا آهن. ۽  سنڌ جي عوام کي سکڻا آسرا ڏئي رلايو آهي۔ سنڌ حڪومت عوام جي خوشحالي لاءِ ڪي بہ اپاءَ نہ ورتا آهن. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ عمران حڪومت عوام کي مھانگائي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي۔ ماڻهو ھڪ وقت جي ماني کائڻ لاءِ بہ پريشان ٿي ويا آھن۔ عمران حڪومت پاڪستان جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي۔ بار بار اقتدار ۾ ايندڙ پارٽين سنڌ کي تباھي کانسواءِ ڪجھ بہ ناھي ڏنو۔ اٽي لٽي اجھي ۽ جمھوريت جي ڪوڙن نعرن ذريعي عوام سان دوکو ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ تيل، گئس ۽ بجلي پيدا ڪندڙ سنڌ کي مھانگائي ۽ بدحالي جي باھ ۾ اڇلايو ويو آھي۔ سنڌ کي مال غنيمت بنائي لٽيو پيو وڃي۔ حڪمران پنھنجون پاليسون تبديل ڪن۔ ملڪ کي برابري ۽ ڀائچاري سان اڳتي ھلائي سگھجي ٿو۔  وفاقي ۽ سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي۔ سنڌ وفاق کي جيترو ڪمائي ڏئي ٿو بدلي ۾ پنھنجي حق بدران خيرات ڏني وڃي ٿي، جنھن ڪري سنڌ ۾ غربت وڌي آھي بدقسمتي سان ڪنھن بہ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت سنڌ جي ترقي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ کي پنھنجي ايجنڊا نہ بنايو آھي۔ حڪمرانن جون الڳ ترجيحات ۽ ايجنڊائون آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب حڪمراني جي ڪري صوبي ۾ انصاف ناھي۔ امن ناھي ھيپاٽائيٽس ۽ ٻيون خطرناڪ بيماريون تيزي سان پکڙجي رھيون آھن۔ ڪروڙين ماڻھون پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھن۔ معياري تعليم ۽ صحت جو بندوبست ناھي۔ حڪمران ٻڌائين تہ غريب عوام آخر ڪيڏانھن وڃي۔ 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو