پي پي جي پراڻن جيالن جو پارٽي قيادت خلاف احتجاج

ٽنڊوڄام (ن سنڌ يار) پيپلز پارٽي جي پراڻن جيالن پارٽي قيادت پاران نظرانداز ڪري نون ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ خلاف ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.انهيءَ موقعي تي محمد حنيف، بشير احمد، رسول بخش مگسي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پارٽي لاءِ هر دور ۾ قربانيون ڏنيون ۽ جيل ڪاٽيا آهن پر پارٽي قيادت اسان کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اسان آمر ضياء جي مارشل لا، شهيد محترمه جو 1986 ۾ استقبال ۽ ڪارساز سانحي سميت هر دور ۾ پارٽي لاءِ قربانيون ڏيندا رهيا آهيون ۽ اسان وٽ پارٽي پاران ڏنل تعريفي سندون پڻ موجود آهن.هنن چيو ته اسان پارٽي لاءِ هر قسم جو سختيون برداشت ڪيون پر هاڻي پارٽي ۾ اهميت نه پيئي ڏني وڃي، هنن چيو ته پارٽي ۾ حقيقي جيالن کي  پاسيرو ڪري نون ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناجائزي آهي.هنن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته پارٽي جي پراڻن جيالن کي نظرانداز ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي، جيالن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو