پي پي جي ٽن وزيرن سميت 15 اڳواڻ ايف آءِ اي ۾ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف مبينه گُٿا لفظ استعمال ڪرڻ تان پ پ جَي ٽن وزيرن ۽ ايم پي ايز سميت 15 اڳواڻن کي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سرڪل 12 ۽ 13 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. جن اڳواڻن کي نوٽيسد جاري ڪيو ويو آهي تن ۾ ناصر حسين شاهه، سعيد غني، شهلا رضا، ناز بلوچ، نفيسا شاهه، شاهده رحماني، قادر خان مندو خيل، قادر پٽيل ۽ ٻيا شامل آهن. ايف آءِ اَي موجب جوابدار مسعود رحمان عباسي جَي موبائيل فون مان ڄاڻايل اڳواڻن جَي رابطن جو رڪارڊ مليو، پ پ جَي مقامي اڳواڻ مسعود رحمان عباسي خلاف چيف جسٽس لاءِ گٿا لفظ استعمال ڪرڻ جو ڪيس ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم اسلام آباد ۾ داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو