پي پي اڳواڻ کان بيلنس جا پئسا گهرندڙ دوڪاندار گرفتار

نئون ديرو (شاد محمود ڀٽو)پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي نئون ديرو جي صدر سيد ارشد علي شاھ  عرف لالڻ شاھ زونگ نيٽ ورڪ جا پئسا  ڏيڻ کان انڪار ،  ويتر دڪاندار راحب ڀٽو ۽ نذيراحمد ڀٽو کي نئون ديرو ٿاڻي  تي لاڪپ ڪرائي ڇڏيو شخصي ضمانت تي آزاد ،  ٻي طرف ايزي لوڊ ڪندڙ مٿين دڪاندارن نذير احمد ڀٽو ۽ راحب ڀٽو ، سيد ارشد شاهه خلاف نئون ديرو پريس ڪلب ۾  احتجاج ڪندي چيو ته اسان وٽ ان جو ملازم پئڪيج  ڪرائڻ آيو  1800 جو پيڪيج ڪرائي هن 1500 ڏنا ۽ چيائين ته ان کان وڌيڪ مان ڪون ڏيندس.پورا پئسا گهرڻ تان هن اسان کي ناجائز گرفتار ڪرائيو اسان پ پ پ جا پراڻا ڪارڪنن آهيون پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري اهڙي ظلم ۽ زيادتي جو  نوٽيس وٺي.ٻئي طرف سيد ارشد شاھ عرف لالڻ شاھ کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي سين ته انهن جو نمبر بند ملي رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو