پي پي اڳواڻ خلاف متاثرن جو احتجاج، انصاف جي گُهر

جوهي) ن سنڌيار( پ پ پ اڳواڻ غلام نبي باهوٽو جي مبينه زيادتين خلاف شازيا  چوهاڻ پنهنجي مڙس پورهيت عبدالرزاق چوهاڻ سان انصاف لاء پريس ڪلب پهچي وئي. هن  مٿس الزام هنيو ته پ پ پ جوهي جنرل سيڪٽري غلام نبي باهوٽو منهنجي پٽ شان چوهاڻ کي موبائل چوري جو ڪوڙو الزام لڳائي اسان غريبن کي ڦاسائڻ چاهي ٿو, اڄ صبح غلام نبي باهوٽو گهر ۾ اچي اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي ويو, ٿاڻي تي وڃي منهنجي ڇوڪري شان چوهاڻ خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو پوليس سياسي اثر رسوخ رکندڙ شخص جي چوڻ تي اسان جي گهر تي چڙهائي ڪئي, ڪجھ مهينا اڳ به ڇوڪري مٿان موٽر چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو عدالت ۾ ثابت نه ٿي سگهيو, هنن چيف جسٽس آف پاڪستان, آء جي سنڌ , ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو سميت وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته اسان مسڪينن کي غلام نبي باهوٽو کان خطرو آهي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو