پي پي اڳواڻ جو ميڊيا ٽرائل بند ڪيو،حامين جو احتجاج

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) پ پ پ اڳواڻ ڪامران خان مهر ۽ رستم ٽائون چيئرمين حاجي عبدالغفار خان مهر ۽ سندس جي خاندان جي ميڊيا ٽرائل ڪرڻ خلاف مهر برادري جي حمايتين، شهرين ۽ سول سوسائٽي طرفان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن الله وڌايو سومرو ۽ ٻين چيو ته پ پ پ اڳواڻ ڪامران خان مهر ۽ سندس جي خاندان خلاف ڪجهه ڏينهن کان ميراڻي برادري جا ماڻهون ڪوڙيون افواهون هلائي ميڊيا ٽرائل ڪن پيا، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته ڪامران خان مهر جي ساک متاٽر ڪرڻ لاء مخالف افواهون ڦهلائي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، ڪامران خان مهر جي عوامي خدمتن کان سڄو شهر واقف آهي، ميراڻي برادري جي سليم ۽ ٻين کي ڪامران خان مهر نوڪريون وٺي ڏنيون، انهن کي پنهنجي ذاتي پلاٽ تي گهر اڏي ڏنا ان باوجود هو مخالفن جي چرچ تي پروپيگنڊا ڪن پيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو