پي پي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي

سکر(بيورو رپورٽ) پ پ جي ٻن ايم اين ايز ۽ ٻن ايم پي اي جي ڪاميابي خلاف اليڪشن ٽربيونل سکر ۾ ڌار ڌار ٻڌڻيون ٿيون. سکر مان پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه جي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ طاهر حسين شاهه ۽ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ جي ڪاميابي خلاف مبين جتوئي جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران وڪيل پيش نه ٿيڻ تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، وڌيڪ ڪاروائي 29 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي. اليڪشن ٽربيونل پ پ ايم اين اي عابد حسين ڀيو خلاف عرفان جتوئي ۽ ايم پي اي حزب الله ٻگهيو جي ڪاميابي خلاف عادل انڙ جي درخواستن جي ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو