پي پي، ايم پي اي پاران خود ڪشي جي ڪوشش

پشاور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي خيبرپختونخواهه جي عورت اسيمبلي ميمبر نگهت اورڪزئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کيس روڪي ورتو. عورت ايم پي اي نگهت اورڪزئي آءِ جي خيبرپختونخواهه جي آفيس ٻاهران پيٽرول ڇڙڪي پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس اسٽاف کيس روڪي ورتو. پوليس طرفان آپگهات کان روڪڻ بعد نگهت اورڪزئي چيو ته مسئلو منهنجي زمينن جو آهي، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان ۽ سندس ماڻهو منهنجي زمين تي قابض آهن ۽ هدايت ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته گورنر شاهه فرمان قبضا مافيا ۽ منشيات فروشن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، مون کي ڪجهه به ٿيو ته گورنر شاهه فرمان ۽ آءِ جي ذميوار هوندا. نگهت اورڪزئي جيڪا پهريون ڀيرو مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي بڻي هئي هاڻي پي پي ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو