پي ٽي ايم جون ڳالهيون درست، پرفوج خلاف نعرا ٺيڪ ناهن

اورڪزئي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنهنجي ٽيم ۾ بئٽنگ آرڊر تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو رانديگر ڪم نه ڏيکاريندو، اُن جو بئٽنگ آرڊر تبديل ڪيو ويندو. هن خيبرپختونخواه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن کي به هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي ٽيم جي ڪارڪردگي تي نظر رکن. هن چيو ته پرويز مشرف طرفان نواز شريف ۽ آصف زرداري کي اين آر او ڏيڻ کانپوءِ ملڪ تي بي حساب قرض چڙهي ويا. جلسي کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان اپوزيشن پارٽيز کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته کين خوف آهي ته آئون 2 سال به اقتدار ۾ رهيس ته اُهي جيل ۾ هوندا. هن چيو ته اسانجي جي حڪومت کي اڃا 8 مهينا ٿيا آهن، اهڙو ڪهڙو گُناهه ڪيو آهي جو حڪومت ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان اسان وٽ پئسو ناهي. گذريل حڪومتن 10 سالن دوران عوام جي پئسي کي لُٽيو ۽ ٽن ڪُٽنبن چوري شروع ڪئي، هن وقت حڪومت رڳو هڪ ڏينهن جي وياج جي مد ۾ 6 ارب کان وڌيڪ پئسا ڏئي رهي آهي. هن چيو ته شهباز شريف ۽ سندس ٻارن جي مني لانڊرنگ سامهون اچي وئي آهي. وفاقي ڪابينا ۾ ڦيرڦار جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هر ڪپتان جي پنهنجي ٽيم تي نظر هوندي آهي، مون بئٽنگ آرڊر تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيڪو شخص ملڪ لاءِ بهتر هوندو ان کي اڳتي آڻبو. وزيراعظم قبائلين لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪندي وزير اعليٰ کي هدايت ڪئي ته هو متاثره قبائلين جي مدد لاءِ لسٽ تيار ڪري. هن چيو ته جڏهن ڪو به قبائلين جي تڪليفن بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار نه ان وقت هن سندن مسئلو کينو هو. هن پشتون تحفظ موومينٽ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ جيڪي ڳالهيون هو ڪن ٿا اهي ساڳيون مون به ڪيون پر مسئلو هنن جي طريقه ڪار جو آهي ته هو فوج خلاف نعرا هڻن ٿا. هن چيو ته فوج کي جنرل مشرف امريڪا جي چوڻ تي آپريشن لاءِ موڪليو. فوج جو قصور نه هو.

پهنجو تبصرو موڪليو