پي ٽي آء جون سنڌ ۾ سرگرميون ۽ سنڌ ڪابينا ۾ تبديليون

ليکڪ    محمد اسماعيل لانگاھ 

ڪافي ڏينهن کان سنڌ اندر پي ٽي آء جي سياسي سرگرمين ۾ دلچسپي وڌندي نظر اچي پئي, سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ھجڻ جي ڪري وفاقي سرڪار اليڪشن کانپوء پنهنجي اتحادين کي ايتري عزت ۽ اهميت نه ڏني جيتري هاڻ ڏني پئي وڃي ڪشمير چونڊن ۾ ڪاميابي بعد وزير اعظم پاران سنڌ ۾ سياسي دلچسپي کي وڏي اهميت سان ڏٺو پيو وڃي گذريل اڍائي ورهين کان وزير اعظم سنڌ جي مسئلن کي ايتري ترجيح سان ڏٺو جيترو هاڻي دلچسپي وٺي رهيو آھي, سنڌ ۾ جي ڊي اي پليٽ فارم تان چونڊيل ميمبر ۽ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا ايم پي ايز به سندن وفاقي سرڪار جو حصو آهن پر مختلف وقتن تي تلخ ڪلاميون, ناراضگيون به ٿينديون رهيون اجلاس به ڪيا ويا وزير اعظم عمران خان تائين شڪايتون به پهچايون ويون ته هڪ طرف پ پ اسان سان سنڌ ۾ صحيح نه پئي هلي ۽ ٻئي طرف اوهان اسانجي اتحاد ۽ عزت جو قدر ناهي ڪيو پر وزير اعظم طرفان تازو سنڌ ۾ سياسي دلچسپي کي وڏي نظر سان ڏٺو ۽ محسوس به ڪيو پيو وڃي, جنهن جي پهرين مرحلي ۾ هن سابق وزير اعلي سنڌ ارباب غلام رحيم کي سنڌ جي مسئلن تي معاون خاص مقرر ڪري پارٽي کي منظم مضبوط ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن  وزير اعظم جي ڏنل هدايتن بعد پهرين مرحلي ۾  ارباب غلام رحيم پي ٽي آء جي سينيئر اڳواڻ لياقت جتوئي سان ملاقات ڪئي جتي کين خدشا ختم ڪرڻ ۽ وزير اعظم جو نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو, لياقت جتوئي مختلف حڪومتن ۾  سنڌ توڙي وفاقي وزارتن جو حصو به رهيو آهي پر هيئنر هو ناهي, 2018 ع واري اليڪشن ۾ پي ٽي آء جو دادو ضلعي ۾ تاريخي جلسو ڪرايو ان وقت پي ٽي آء جي سموري اعلي قيادت موجود هئي جتي عمران خانصاحب دادو ضلعي جي عوام ۽ لياقت جتوئي کي شاباس ڏني چوندا آهن ته سياست وڏي بي رحم شي آھي جيڪا صرف مفادن تائين محدود ھُجي تي,  تحريڪ انصاف لياقت جتوئي کي سنڌ ۾ صرف استعمال ڪرڻ لاء اڳيان پر شڪست ملڻ تي هن لياقت جتوئي جي مالڪي به نه ڪئي  جڏھن  ته دادو ضلعي جي ٻن قومي ۽ چار صوبائي اسيمبلي سيٽن تان پي ٽي آء اميدوارن کي شڪست بعد لياقت جتوئي سميت ٻين ميمبرن عدالت تائين ڌانڌلين جا ڪيس ڪيا پر پي ٽي آء قيادت طرفان سنجيده سپورٽ نه ملڻ تي کين ڪيس کٽڻ ۾ ناڪام ويا ايئن مايوسي سبب لياقت جتوئي ۽ سندن ساٿي پي ٽي آء قيادت کان پاسيرا ٿي ويا  ڪُجھ پ پ ۾ هليا ويا ڪُجھ ڇڏي ويا,  ۽ مختلف پريس ڪانفرنس ۾ لياقت جتوئي واضع چيو ته عمران خان کي سنڌ سان ڪابه دلچسپي ڪانهي عمران خان وزير اعظم ٿيڻ باوجود سنڌ جي عوام لاء ڪو خاص پيڪيج به ڏئي سگهيو وزير اعظم جو سنڌ جي اتحادين سان ناروا سلوڪ تي جي ڊي اي اتحادين ڪافي گڏجاڻين اجلاسن ۾ دانهون شڪايتون ڪيون پر موئثر جواب نه مليو ۽ هن وقت پي ٽي آء قيادت ۽ وزير اعظم جي دلچسپي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي چٽو موئقف ان وقت سامهون آيو آهي جڏھن ملڪ ۾ بلدياتي چونڊن وارو ماحول جُڙڻ وارو آهي ۽ پ پ سرڪار جون سنڌ جي عوام سان ناجائزيون وڌيون آهن پ پ خلاف ته ڪافي سالن کان عوام جون شڪايتون رهيون آھن پر ملڪ جي وزير اعظم ھوندي عمران خان  ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويتر اهو به چيو ته سنڌ اسان جو نه بلڪ پ پ جو صوبوآھي يعني صوبي ۾ پ پ جي حڪمراني آهي مسئلن جي ذميوار خود پ پ آهي۽ وفاق ان حوالي سان آزاد آھي سنڌ جو عوام ڄاڻي پ پ ڄاڻي جڏھن ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاقي والار جو معاملو کڙو ٿيو ته جي ڊي اي ميمبرن کليل موقف پيش ڪيو ايتري قدر جو اتحاد ڇڏڻ جو به چتاءُ ڏنو تازو جڏھن وزير اعظم سنڌ ۾ سياسي دلچسپي جو اظهار ڪيو ته سڀ کان پهرين ڏنگي ڀنڊار ٻيٽن تان وفاق قبضي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ سنڌ جي اتحادين کي اهميت ڏيڻ ۽ ويجهڙائي معني هڪ لڪل راز ٿي سگهي ٿو ان حوالي سان ڪافي قياس آرائيون به ڪيون پيون وڃن ته وفاق سنڌ جي عوام کي مفاد وقت ڇو ٿي ياد ڪري اها هڪ ذھن نشين ڳالھ آهي ۽سنڌجيڪو پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ناڻو ڪمائي ڏيندڙ صوبو آهي جنهن تي گذريل تيرنهن ورهين کان پ پ سرڪار برسر اقتدار ۾ آهي جنهن صوبي مان ڪمايل ناڻي مان چار آنا به سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۽ عوام تي خرچ ناهن ڪيا هن وقت عوام پ پ قيادت جي ڪارڪردگي مان بلڪل بيزار ٿي وئي آهي هڪ طرف  عوام ۾ بيچيني آهي ته ٻئي پاسي مختلف کاتن جون ناقص ڪارڪردگيون به کين پريشانين جو باعث بڻجي رهيون هُيون,  ان حوالي سان عوام کي مطمئن ڪرڻ ۽ مخالف ڌُر جي سرگرمين کي تڪڙو منهن ڏيڻ لاء پ پ سرڪار سنڌ ڪابينا ۾ وڏين  تبدلين  جو اعلان ڪيو آهي ڇو ته ملڪ اندر هن وقت سياسي ماحول ۾ گرما گرمي شروع ٿي وئي آھي, ڪراچي اندر ايم ڪيو ايم هروز گورنر راڄ واري مطالبي جو راڳ الاپي رهي آهي ۽ پ پ قيادت تي هروقت نظرانداز ڪرڻ جا الزام پڻ هڻندي رهي آهي, ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف جي ويجهو اتحادي رهي آهي۽پي ٽي آء جي موجوده سرگرمين تي سندن اتحادي ضرور حيران به آهن ته مٿان پ پ جي ناڪام پاليسين تي عوام سميت پ پ قيادت خود مايوسي جو شڪار ٿي چُڪي آھي ڪورونا وبا جي معاملي ۾ سنڌ جي عوام چٽو موقف ڏنو آھي ته پ پ سرڪار وفاق واري ڪاوڙ سنڌ جي عوام مان نه ڪڍي ۽ تازو لاڪ ڊائون واري آرڊر کي به عوام ٿُڏي ڇڏيو آهي ۽ وفاق پڻ سخت مخالفت ڪئي ته پ پ کي عوام تي پنهنجا فيصلا مڙهڻ جو ڪو اختيار ناهي ۽ وفاقي سطح کان وزير اعظم طرفان سنڌ صوبي کي خاص پيڪيج ڏيڻ, بدامني, ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف تاريخي فيصلي تي به سنڌ جي عوام جي هڪ اميد جاڳائي وڌي آهي, سنڌ ۾ هڪ ته ترقياتي ڪم بلڪل ٺُپ ٿي ويا آهن ٻئي طرف ڏوهن ۾ اضافو ۽ منشيات جي ڪاروبار ڪندڙ عنصرن خلاف وزير اعظم جا تاريخي فيصلا آهن, اهي ٽئي چارئي ڪم سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان بڻيل آهن جن تي عمل ڪرڻ لاء پ پ قيادت هاڻ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا آهن ۽ هفتو پهرين ان حوالي سان وزير اعلي سنڌ پوليس کي فري هينڊ ڏيڻ بجاء بااثر سردارن معرفت ڌاڙيل خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو جيڪو ناممڪن ۽ عمل نه ٿيڻ جوڳو فيصلو آهي, سنڌ پوليس ۽ سردار, ڀوتار سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا سڀ معني ساڳي ڳالھ آهن ته پوء امن جي حوالي سان فيصلن جو اعلان اجايو هوندو, ترقياتي ڪمن جي حوالي سنڌ جا شهري توڙي ٻھراڙي وارا بلڪل نظر انداز جنهن جو سڄو ڪريڊٽ وزير اعلي هائوس ڏانهن وڃي ٿو, ۽ ھاڻي ڪابينا ميمبرن ۽ وزارتن ۾ تبديلن سان عوام جي قسمت تبديل ٿيڻ ناممڪن آهي اهڙو فيصلو صرف پي ٽي آء جي سرگرمين جي خوف کان ڪيو ويو پ پ لاء وقت ته ڏُکيو ايندو نظر اچي پنهنجي تيرنهن ورهين جي ڪارڪردگي ايندڙ اڍائي سالن ۾ ٺيڪ ڪرڻ پ پ لاء انتهائي ڏُکيو هوندو, پي ٽي آء اندروني طور  پ پ کي سوڙھو ڪرڻ ۾ ڪاميابي طرف وڃي رهي آهي , ۽ ارباب رحيم ۽ لياقت جتوئي جيڪڏھن ايندڙ اليڪشن کان اڳ سنڌ ۾ پنهنجا پير ٻيهر پڪا ڪري ويا ته پ پ جا پير ڪڍڻ کين آسان ٿي ويندو, پ پ سنڌ اندر هن وقت سخت اختلافن جو شڪار آهي  جيئن مثال طور دادو ضلعو سياسي طور پ پ جي مخالفن لاء اهم هوندو جتي گذريل چئن پنجن ورهين ظاهري طرح اختلافن جو شڪار آهي ۽ لياقت جتوئي به دادو ضلعي سان وابسطه آهي پي ٽي آء جون موجوده سرگرميون ۽ سنڌ ڪابينا ميمبرن جي وزارتن ۾ ردوبدل پ پ جي سنئين سڌي ناڪامي آهي ايندڙ قومي يا بلدياتي اليڪشن ۾ گهڻو ڪُجھ ٿيڻ وارو آهي جيڪو پ پ لاء  پهريون امتحان ٿي سگهي ٿو. 

پهنجو تبصرو موڪليو