پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس بابت جاچ ڪميٽي جي رپورٽ پيش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جي اسڪروٽني ڪميٽي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پرڏيهي فنڊن بابت آڊٽ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ جي فنڊن جي آڊٽ لاءِ مارچ 2019ع ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، جنهن کي 6 مهينن کانپوءِ رپورٽ پيش ڪرڻ هئي جيڪا ٽن سالن بعد پيش ٿي آهي. اليڪشن ڪميشن جا ٻه حاضر سروس اهلڪار جڏهن کان ٻئي شهر هليا ويا آهن، ڪميشن سندن واپسي تي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪرڻ کان اڳ رپورٽ جو جائزو وٺندي. اليڪشن ڪميشن ميمبر سنڌ شاهه محمود جتوئي اڱاري تي جڏهن ته بلوچستان جو ميمبر اربع تي واپس ايندا. پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس نومبر 2014ع ۾ پارٽي جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر داخل ڪيو هو، جيڪو ان وقت کان التوا ۾ آهي. اڪبر ايس بابر پنهنجي درخواست ۾ حڪمران پارٽي تي سنگين مالي بي ضابطگين جا الزام هنيا هئا جن ۾ غير قانوني ذريعن کان فنڊنگ، ملڪ ۽ ٻاهر جا بئنڪ اڪائونٽس لڪائڻ، مني لانڊرنگ ۽ وچ اوڀر کان غير قانوني عطيو قبول ڪرڻ جو معاملو به شامل آهي. ان ۾ پارٽي ملازمن کي پرائيويٽ بئنڪ اڪائونٽس مان پگهارون ڏيڻ شامل آهي. اليڪشن ڪميشن گذريل سال سيپٽمبر ۾ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت جاچ ڪميٽي جي ”نامڪمل“ رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ حڪم نامي ۾ چيو هو ته رپورٽ مڪمل ۽ جامع ناهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته جاچ ڪميٽي پارٽين طرفان فراهم ڪيل دستاويزن ۽ اسٽيٽ بينڪ کان حاصل ڪيل ڊيٽا جي بنياد تي رڪارڊ جو جائزو نه ورتو. نه ئي دستاويزن ۾ موجود ثبوتن جي جاچ ڪئي ۽ نه ئي ڪا ٺوس راءِ قائم ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن ڪميٽي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته اهو ڪميٽي جو فرض ۽ ذميواري آهي ته هو پارٽين طرفان پيش ڪيل هر دستاويز جي صداقت، اعتبار ۽ سچائي کي جانچي. ساڳي ئي وقت، ڪميشن چيو ته ڪميٽي کي اختيار آهي ته هو مناسب فورم، وسيلن ۽ فردن سان گڏ دستاويزن جي صداقت جي تصديق ڪرڻ لاء هو ڪنهن کان به معلومات وٺي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن اعتراف ڪيو ته قانون دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ صداقت ۽ اعتبار جو معيار فراهم ڪري ٿو پر ڪميٽي ان حوالي سان مناسب طريقيڪار اختيار نه ڪيو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”اها ڳالهه ٻڌي افسوس ٿيو ته 28 کان 29 مهينا گذري ويا ۽ هدايتن تي سختي سان عمل نه ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو