غلام بڻجي نٿا رهي سگهون، سياسي فيصلا جي ايڇ ڪيو ۾ ڇو؟ نواز

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف انڪشاف ڪيو آهي ته اسانجي حڪومت دوران سلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ڌرڻن دوران هڪ رات جو مون کي پيغام مليو ته استيعفيٰ ڏيو، ٻي صورت ۾ مارشل لا لڳي سگهي ٿو، مون واضح ڪيو ته استيعفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿئو ڪريو. اهڙو انڪساف هن لاهور م مسلم ليگ (ن) جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سياسي فيصلا پارليمان بدران جي ايڇ ڪيپو ۾ نه ٿيڻ گهرجن، مونکي ٻڌايو ويو آهي ته پارليمان ۾ اهم قانون سازي لاءِ ميمبرن کي فون ٿا اچن. پارليمان کي رٻڙ اسٽيمپ بنايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انگريزن جي غلامي مان نڪري پنهنجن جي غلامي ۾ اچي ويا آهيون، اسين آزاد شهري ناهيون، پنهنجي ئي ملڪ ۾ غلام بڻجي نٿا رهي سگهون. هن چيو تهاوهان چونڊ نتيجا چورايو، آر ٽي ايس بند ڪري حق ماري ٻين کي خوش ڪريو، اسين ان تي تقدير جي مرضي سمجهي چپ رهون؟ ڌانڌلي قبول ڪريون ۽ پنهنجو ضمير ماري ڇڏيون؟ ايئن نه ٿيندو. هن چيو ته  موجوده  نااهل وزيراعظم کي آڻيندڙ هاڻي پاڻ به پڇتائي رهيا هوندا، توهان جنهن ماڻهو کي آندو، اُهو دماغ کان خالي آهي، رڳو سليڪٽيڊ وزيراعظم نه، پر کيس آڻيندڙن کي به جواب ڏيڻو پوندو. عزت تي سوديبازي ڪري سياست نٿي ڪري سگهجي، پنهنجي ملڪ ۾ غلام بڻجي نٿو رهي سگهان، هاڻي اُنهن شين خلاف اُٿي بيهڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته عاصم سليم باجوه اربين رُپيا ڪيئن ٺاهيا، اُن جو حساب ڪنهن ناهي ورتو؟ گرفتار ته عاصم سليم باجوه کي ٿيڻ گهرجي ها، پر شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ويو، جيئن ثاقب نثار بني گالا کي ڪلين چٽ ڏني هئي، ائين عاصم باجوه کي به ڪلين چـِٽ ڏني وئي آهي، ان کان وڌيڪ بدقسمتي ڪهڙي هوندي جو عدالتن مان مرضي جا فيصلا ورتا ويندا آهن، 17 سالن کان اهو سڀ ڪجهه هلي رهيو آهي، اسان فيصلو ڪري چڪا آهيون ته هاڻي ملڪ کي ائين نه هلڻ ڏينداسين. هن چيو ته شهباز شريف کي سيلوٽ ڪريان ٿو، هو بهادري سان منهن ڏئي رهيو آهي. اسانجا ٻيا ساٿي به همت سان مقابلو ڪن پيا. هن شهباز شريف. خواجه آصف ۽ شاهد خاقان عباسي کي نالا کڻي خراج پيش ڪيو. سندس تقرير سوشل ميڊيا تي نشر ڪئي وئي. پاڪستان جي قومي ميڊيا مان حسب روايت خبر غائب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو