پي ٽي آءِ ايترو ظلم ڪري جيترو برداشت ڪري سگهي، بلاول

سکر (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ جيالن جي حڪومت اچڻ واري آهي، سِر جو جواب پٿر سان ڏينداسين، پي ٽي آءِ جي پهرين ۽ آخري حڪومت آهي، ايترو ظلم ڪريو، جيترو پاڻ سهي سگهو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ جيالن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيالا تياري ڪن، اسان پنهنجي جدوجهد ڪنداسين، غير جمهوري ۽ سليڪٽيڊ حڪومت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عوام جي وچ ۾ آهيون، حڪمرانن کي خبر آهي ته سندن مقابلو تپيدارن يا مولانا سان نه، پر جيالن سان آهي، اپوزيشن ليڊر پ پ جو هجي ته جيل ۾، لاهور جو اپوزيشن ليڊر مزا وٺي رهيو آهي.

Welcome Bilawal in Sukkur, Photo Sindhyar

بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ  عمران خان ٻڌائي ته هو پاڻ ڪيترو وقت جيل ۾ رهي سگهي ٿو، حڪومت نااهلي سبب ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري چوٽ چڙهي وئي، حڪمرانن عوام کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، سکر جي دوري دوران ڪارڪنن طرفان نعرن جي گونج ۽ گلن جي ورکا سان بلاول ڀٽو زرداري جي آجيان ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو