پي ايم سي سنڌ لاءِ ٻيو ون يونٽ آهي، ايس ايس ٽي اڳواڻ

حيدرآباد:(پ.ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر پرديپ گلاب، غلام علي زئور، برجانند شرما، سرواڻ هاليپوٽو ۽ سچل هاليپوٽو، پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پي ايم سي طرفان سنڌ جي نجي ميڊيڪل ڪاليجن کي داخلا کان روڪڻ وارو حڪم غير آئيني آهي. پي ايم سي جي صورت ۾ هڪ دفعو ٻيهر ون يونٽ کي قبر مان ڪڍي جيئاريو ويو آهي. پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جنهن جو قيام ئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪيو ويو آهي سا هن وقت سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ مداخلت ڪندي سنڌ جي شاگردن لاءِ ميڊيڪل شعبي اندر وڌيڪ مشڪلاتون پئي پيدا ڪري. ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ تعليم مڪمل صوبائي معاملو آهي وفاق ۽ ان جي جوڙيل غير آئيني اداري پي.ايم.سي کي سنڌي شاگرد تحريڪ اڳ به رد ڪري چڪي آهي. موجوده وقت ۾ به ايس ايس ٽي پي.ايم.سي طرفان سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شاگردن جي داخلا لاءِ سندن من پسند پاليسي ۽ يڪسان نصاب کي رد ڪري ٿي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته وفاق ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليم تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪن. سنڌ صوبي جي تعليم ڊاڪٽر عاصم جهڙن ڪرپٽ ماڻهن بدران اهل ماڻهن ۽ تعليمي ماهرن حوالي ڪئي وڃي جيئن هن 21 هين صدي اندر سنڌ جي تعليم جي معيار کي بهتر بنائي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو