پي ايم سي جو رويو ٺيڪ ناهي سنڌ پنهنجي پاليسي ٺاهيندي، عذرا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ ٻين صوبن جي شاگردن جي داخلا ۽ پي ايم سي جي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صحت جي صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته امتحان جي طريقيڪار ۽ ٻين شڪايتن خلاف هر هر خط لکڻ باوجود پي ايم سي وارا پنهنجي ضد تي بيٺل آهن، سنڌ جي شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي، هن چيو ته هاڻي گهڻو ٿي ويو، هڪ آپشن آهي ته سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ الڳ ٽيسٽ ورتي وڃي، سنڌ جي ڪوٽا تي مقامي ڊوميسائيل جي شاگردن کي داخلا ڏيڻ لاءِ پاسنگ مارڪس جي پرسنٽيج گهٽائي ويندي، پي ايم سي ۽ وفاق وارا ڀلي ناراض ٿين پر اسان مجبور آهيون، اسان جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ ٻين صوبن جا شاگرد پڙهي واپس هليا ويندا ته سنڌ ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ پيدا ٿي ويندي، هن چيو ته پي ايم سي وارا امتحان نه ٿا وٺي سگهن ته شاگردن جي مستقبل سان ڇو کيڏي رهيا آهن، رڳو سنڌ نه، ٻين صوبن ۾ به شاگرد پي ايم سي خلاف احتجاج ڪن پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو