پي ايس ايل 6 جو فائنل، فاتح ڪير، پشاور يا ملتان؟

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ يعني پي ايس ايل 6 جو فائنل اڄ ملتان سلطان ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏيو ويندو. شائقين ۾ سوشل ميديا تي بحث پيو هلي ته ڪير ان م سوڀارو ٿيندو؟ ڪيترائي ماڻهو پشاور زلمي کي فيورت قرار پيا ڏين ته ڪيترا ملتان سلطان کي فاتح قرار پيا ڏين. پشاور زلمي جي ڪپتان وهاب رياض جو چون آهي ته جيڪا ٽيم پنهنجي اعصابن تي ڪنٽرول رکندي اهائي ڪامياب ٿيندي. ملتان سلطان جي ڪپتان رضوان جو چوڻ آهي ته اسين پنهنجي ڪامياب پرفارمنس جاري رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو