پي آءِ اي ملازمن جون ڊگريون تصديق ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز جي ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو حڪم جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت عظميٰ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ قومي ايئر لائين جي پائليٽن ۽ عملي جي ڊگرين جي تصديق جي حوالي سان ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته الخير يونيورسٽي صرف ڏيکاءُ آهي تعليمي عمل بغير ڊگريون کپايون پيون وڃن ظاهر ۾ ڊگريون حاصل ڪرڻ جو عمل غيرقانوني لڳي رهيو آهي. عدالت جو چوڻ هو ته پي آءِ اي يقين ڏياري ته ملازمن جون تعليمي ڊگريون منظور ٿيل تعليمي ادارن مان آهن ڊگرين جي تصديق ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن، مينيجنگ ڊائريڪٽر پي آءِ اي ۽ اٽارني جنرل کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو. واضح رهي ته گذريل سال ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار پي آءِ اي ۾ جعلي ڊگرين تي ڀرتي جي ڪيس تي از خود نوٽيس ورتو هو. جنهن کان پوءِ پي آءِ اي هن مهل تائين 467 اسٽاف ميمبرن کي برطرف ڪري چڪي آهي جڏهن ته 201 کان وڌيڪ اڳوڻن ملازمن پنهنجي برطرفي خلاف عدالت کان پابندي جو حڪم ورتو آهي. واضح رهي ته جعلي ڊگرين ۾ برطرف ڪيل عملي ۾ 16 پائليٽ به شامل هيا.

پهنجو تبصرو موڪليو