پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ ۾ رابطو، مريم جي لنڊن جي تياري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميان نوازشريف پاران پيپلز پارٽي سان رابطن جي اجازت بعد ٻنهي جماعتن وچ ۾ رابطو ٿيو آهي ۽ پي ڊي ايم ۾ پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي ٻيهر شامل ڪرڻ بابت به پي ڊي ايم ۾ مشاورت ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پي پي جي قيادت پنهنجي ماڻهن کي هڪٻئي تي تنقيد نه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. پيپلز پارٽي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) اڳ ۾ پنجاب م بوذدار کي هٽائڻ لاءِ عدم اعتماد جي تهريڪ پيش ڪري بعد ۾ عمران خان خلاف تحريڪ آندي وڃي. مسلم ليگ (ن) چيو آهي ته اڳ ۾ سينيٽ مان شروعات ٿيڻ گهرجي ٻنهي ڌرين جي رابطه ڪارن پارٽي قيادت سان مشوري بعد ٻيهر مشاورت تي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز خاموش رهندي ۽ شهباز شريف هاڻي معاملا هلائيندو، رابطه ڪارن جي ايندڙ ملاقات بعد شهباز شريف ۽ بلاول جي ملاقات جو به امڪان آهي. مريم نواز ڪنهن به وقت لنڊن رواني ٿي ويندي جتي 22 آگسٽ تي سندس پٽ جنيد صفدر جي سيف الرحمان جي ڌيءَ عائشه سيف سان نڪاح رٿيل آهي. مريم نصاز پٽ جي شادي جي تصديق ڪندي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته جڏهن والده فوت ٿي ته جيل ۾ هئس ۽ هاڻي پٽ جي خوشي ۾ به شريڪ نه ٿي سگهندس، مان ن حڪومت کي درخواست نه ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو