پيٽرول ۽ ڊيزل معمولي سستو، ايل پي جي 10 روپيا مهانگي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽرول جي في ليٽر قيمتن ۾ هڪ رپيو 57 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ رڳو 84 پيسا گهٽتائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته اوگرا پاران پهرين نومبر کان 15 نومبر تائين پيٽرول جي في ليٽر تي هڪ رپيو 50 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر تي 2 رپيا گهٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. ناڻي وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت جاري ڪيل اعلان موجب پيٽرول جي في ليٽر تي هڪ روپيو 57 پيسا گهٽتائي کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر جي نئين قيمت 102 رپيا 40 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، اهڙي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر تي 84 پيسا گهٽتائي کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 103 رپيا 22 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن کي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ڪري گاسليٽ جي في ليٽر جي پراڻي قيمت 65 رپيا 29 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر جي پراڻي قيمت 62 رپيا 86 پيسا برقرار رهندي، اهي قيمتون اڄ پهرين نومبر کان ايندڙ 15 ڏينهن تائين لاڳو تصور ٿينديون. هوڏانهن حڪومت ايل پي جي جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ ڪري ڇڏي آھي، عالمي مارڪيٽ ۾ ايل پي جي، جي قيمتن ۾ واڌ سبب اوگرا ايل پي جي جي في ڪلو جي قيمتن ۾ 10رپيا واڌ ڪئي آهي جڏهن ته گهريلو سلينڊر جي قيمتن ۾ 114 ۽ ڪمرشل سيلينڊر جي قيمتن ۾ 439 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.واڌ بعد ايل پي جي في ڪلو جي قيمت 120 رپين کان وڌي 130 رپيا ٿي وئي، گهريلو سيلينڊر جي قيمت 1416 مان وڌي 1530۽ ڪمرشل سيلينڊر جي قيمت 5449 کان وڌي 5888 رپيا ٿي وئي آهي. ايل پي جي ايسوسيئيشن جي اڳواڻ عرفان کوکر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته ڄامشورو جوائينٽ وينچر جي بندش سان حڪومت کي گذريل 6 مهينن ۾ 2 ارب روپين جو نقصان ٿيو آھي ۽ عوام کي مهانگي ايل پي جي خريد ڪرڻي پئجي رهي آھي، حڪومت کان مطالبو آھي ته نقصان کان بچڻ لاءِ جي جي وي ايل کي هلايو وڃي ۽ ايل پي جي تي ليوي سوڌو ٽيڪسون ختم ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو