پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافي جي سفارش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تيل ۽ گيس جي ريگوليشن واري اداري اوگرا پهرين آگسٽ کان حڪومت کي پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. وفاقي سرڪار مهانگائي ۽ ڪورونا وبا سميت ڪيترن ئي بحرانن جي ور چڙهيل عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي. پيٽروليم واري وزارت سمري ناڻي واري وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن موجب سمري ۾ پيٽرول 7 رپيا، ڊيزل 9 رپيا 50 پيسا، لائيٽ ڊيزل 6 روپيا ۽ گاسليٽ جي في لٽر اگهه ۾ به 6 رپيا واڌ ڪرڻ جِي تجويز ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو