پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو، اعلان اڄ ٿيندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين سال جي منظور ڪيل بجيٽ ۾ ٽيڪس جي ڦير ڦار سبب پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو امڪان آهي. اوگرا پارن حڪومت کي هڪ تجويز اها ڏني وئي آهي ته ايڪس ڊپو ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيا ۽ پيٽرول جي قيمت م 6 روپيا في ليٽر اضافو ڪيو وڃي. ٻئي تجويز آهي ته 17 سيڪڙو جي ايس ٽي ۽ پيٽروليم ليوي ۾ اضافي سبب ڊيزل 34 روپيا ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 37 روپيا في ليٽر اضافو ڪيو وڃي. ٽيون آپشن آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي جي شرح ۾ اضافي سبب 30 روپيا في ليٽر ۽ گاسليٽ تي 12 روپيا في ليٽر اصافو ڪيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته پيٽروليم مصنوعات تي جي ايس ٽي وڌائڻ بدران پيٽروليم ليوي وڌيڪ لڳائي وڃي. ڇو ته جي ايس ٽي ڊويزايبل پول جي ٽيڪس آهي ۽ ليوي خالص وفاق جي آمدن هوندي آهي. جي ايس ٽي جي مد ۾ 57 سيڪڙو صوبن کي ملندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو