پيٽرول جي اگهه ۾ تاريخي واڌ، في لٽر 127 روپين کان وڌي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت اڄ جمعي کان پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزارت پيٽرول قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قميت ۾ 4 روپيا اضافو ڪيو ويو آهي ،جنهن بعد في ليٽر پيٽرول جي نئين قميت 127 روپيا 30 پيسا ٿي وئي. پاڪستان جي تاريخ ۾ هي وڌ ۾ وڌ اگهه آهن. نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل 2 رپيا مهانگو ڪيو ويو جنهن بعد هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 122 روپيا 4 پيسا مقرر ڪئي وئي، گاسليٽ جَي في لٽر اگهن ۾ 8 رپيا 82 پيسا واڌ سان نئون اگهه 99 رپيا 51پيسا في لٽر مقرر ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب لائيٽ ڊيزل 7 رپيا 5 پيسا مهانگو ڪيو ويو جنهن بعد لائيٽ ڊيزل في ليٽر جو نئون اگهه 99 روپيا 31 پيسا مقرر ڪيو ويو. ياد رهي ته وفاقي حڪومت 15 سيپٽمبر تي به پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپيا ۽ پيٽرول شين جي في ليٽر ۾ 5 روپين کان وڌيڪ  جو اضافو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو