پينشنرز لاءِ آن لائن سهولت جو افتتاح، جي پي فنڊ به ڪنداسين، ڊي جي

نوشهروفيروز(ڊ ر) خزاني آفيس نوشهروفيروز ۾ اڪائونٽنٽ جنرل اي جي سنڌ غفران ميمڻ آن لائن پينشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي غفران ميمڻ چيو ته سنڌ جي 22 ضلعن مان 21 ضلعا پينشن جي حوالي سان آن لائن ٿي چڪا آهن، هاڻي پينشنرن کي آن لائن پنهنجي پينشن ملي سگهندي. هن چيو ته پينشنرز کي سھولتون ڏيڻ لاءِ ھر ٽريزري آفيس ۾ الڳ پينشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. رٽائرڊ ملازمن جون لسٽون تيار ڪيون ويون آهن ته جيئن ڪنهن به پينشنر کي پگھار وٺڻ لاءِ انتظار نه ڪرڻو پوي ۽ سندن پينشن اسٽيٽ بئنڪ مان سڌو سندن اڪائونٽ ۾آن لائن  هلي وڃي. هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته سموري سنڌ ۾ حاضر ملازمن جيان ريٽائرڊ ملازمن کي به پينشن اڪائونٽ ۾ ملي سگهي ڪنھن به پوڙهي کي پريشاني نه ٿئي. هن چيو ته ضلعي نوشهروفيروز جي خزانه آفيس سمورن پينشنرن جي پينشن آن لائن ڪري ڇڏي آهي جيڪا خوشي جهڙي ڳالهه آهي. هن چيو ته سنڌ جي 22 ضلعن مان صرف حيدرآباد ضلعو آن لائن کان رهجي ويو آهي جيڪو پڻ جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته جي پي فنڊ ۽ ٻيون سهولتون پڻ آن لائن ڪيون وڃن. ان موقعي تي ايڊيشنل اي جي عزيز احمد زئي، ڊي اي جي ماجد علي راڄپر، ڊي سي بلال شاهد رائو، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر نوشهروفيروز ضمير حسين کوکر، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر اعجاز علي ميمڻ، ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر غلام شبير ڏيپر، مقبول احمد شيخ، علي اڪبر چانڊيو، محمد ڪامل مورو، انور هاليپوٽو، امان الله ڀنڊ ۽ ٻيا پڻ افتتاحي تقريب ۾ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو