پيسن ۾ ڪٽوتي ڪندڙ 11 ايجنٽ گرفتار رقم هٿ

شڪارپور(عبدالخالق سومرو)پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي مستحق عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي ڪندڙ 11 ايجنٽن کي گرفتار ڪري سندن وٽان 11 لکن کان وڌيڪ روڪ رقم،4 بائيو مئٽرڪ مشينون ۽ 3 موبائيل فونون برآمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي،جڏھن ته گرفتار ٿيلن ۾ 2 ڀائر شھزاد ۽ آزاد علي دايو، وقاص احمد، دليل خان راجپوت، فهيم لوڊرو، انيس الرحمٰان چنو، عامر چنو، شعيب مغل، الله بخش شيخ ۽ توفيق جوکيو شامل آھن جن خلاف سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي. پئسا ورهائڻ وقت انتظاميا جي مبينا غفلت ۽ نااهلي سبب ٽئين ڏينهن به مختلف سينٽرن تان احساس ڪفالت پروگرام تحت پئسا وٺڻ آيل سوين عورتن جي رش جمع ٿيل هئي جنهن سبب ڪورونا وائرس ڦھلجڻ جو خدشو نظر اچي رهيو آھي،جڏھن ته انتظاميا طرفان ڪي به اُپاءَ وٺڻ بدران مختلف سينٽرن ٻاهران روڊن ۽ رستن تي چونا هاري نٽھڻ اُس ۾ عورتن کي قطار ۾ بيهڻ جو پلان جوڙيو ويو جنهن سبب ڪيترو ئي وقت اُس ۾ بيهندڙ پيرسن ۽ معصوم ٻارڙن واريون عورتون بيحال بڻجي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو