پير جي قبر کوٽي لاش پٽ کڻي ويا، ڪيس داخل

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ)ست مهينا اڳ فوت ٿيل پير جو لاش پٽ رات جو قبر کوٽي ڪڍي ويا. پوليس موجب ڳڙهي فتح شاهه جي علائقي ۾ گذريل رات هٿياربندن پير بهادر علي شاهه جي قبر کي کوٽي سندس لاش کڻي ويا، پير بهادر شاهه 7 مهينا اڳ گذاري ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جا ٻه وڏا پٽ اوڪاڙه ۾ دفنائڻ چاهين پيا ۽ ٻنهي ڀائرن ۾ تڪرار هلندڙ هو. پوليس موجب گذريل رات ٻئي ڀائر ٻين هٿياربندن سان گڏ آيا ۽ پيءُ جو لاش کڻي ويا، جوابدارن مزار جي مجاور کي به اغوا ڪرڻ جو الزام آهي. پوليس مقتول جي ننڍي پٽ جي فرياد تي سندس ٻن ساٿين سميت 11 نامزد ۽ 25 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته پير بهادر شاهه اصل اوڪاڙا جو رهاڪو هو، گهرو اڻبڻت بعد هو فيصل آباد هليو آيو جتي ٻئي شادي ڪئي ۽ ننڍي گهر واري مان ڄايل پٽ سان رهندو هو، جنهن سندس وفات بعد مزار به ٺهرائڻ پئي چاهي.

پهنجو تبصرو موڪليو