پيرل قمبر فرد نه پر ادارو هو، نامياري شاعرکي ڀيٽا پيش

شهدادڪوٽ( ڊ   ر )پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت پاران سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر استاد پيرل قمبر جي 87 هين سالگرهه ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو،  پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت  جي مرڪزي آفيس ۾ ملهائي، سالگرهه جو ڪيڪ شاعرن، سگهڙن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن گڏجي ڪٽيو، ڪورونا وائرس جي ڪري سالگرهه تقريب سادگي سان ملهائي وئي، ان موقعي تي پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ جي سرپرست اعلي جنيد علي سومرو چيو ته استاد پيرل قمبر هڪ فرد نه پر ادارو هو جنهن پنهنجي اوطاق تان سنڌ کي ڪيئي بهترين شاعر سگهڙ ڏنا، هن چيو ته منهنجي خوشنصيبي آهي جو استاد پيرل قمبر جهڙي شخصيت جي گهراڻي ۾ منهنجو جنم ٿيو ، جنهن شخصيت کي سڄي سنڌ بهترين شاعر استاد پيرل قمبر جي نانءُ سان سڃاڻي ٿي، هن وڌيڪ چيوته استاد جا پنهنجن شاگردن دوستن ۽ مٽن مائٽن توڙي ننڍڙن ٻارن سان جيڪي پنهنجائپ وارا رشتا هئا اهي خوبصورت ساروڻيون اڄ تائين زنده آهن ان مان ثابت ٿئي ٿو ته استاد تمام حساس ۽ مخلص طبيعت جو مالڪ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو